سنڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ متاثرن جي امداد ۽ رليف بابت تفصيل طلب ڪري ورتا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ صوبي جي برسات متاثرن جي امداد ۽ رليف جي ڪمن بابت درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 6 سيپٽمبر تائين شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. درخواستگذار جي وڪيل موقف ڏنو ته حڪومتي فنڊ جاري ٿيڻ باوجود اڃا تائين متاثرن کي ناهي ملي سگهيو، هر ضلعي ۾ هڪ سيل قائم ڪيو وڃي ۽ متاثرن کي خيما فراهم ڪيا وڃن، تازين برساتن سان تباهي ۽ متاثرن جي مدد ۽ فوري فنڊ پهچائڻ لاءِ سيل قائم ڪيو وڃي، ضلعي سطح تي جج جي نگراني ۾ فنڊ تقسيم ڪري متاثرن کي بحال ڪيو وڃي، برسات سبب ڪيترائي شهري فوت ٿيا آهن ۽ متاثرن جا گهر توڙي فصل تباهه ٿي ويا آهن، ڌرين کان هن وقت تائين جي امدادي ڪاررواين جي رپورٽ گهري وڃي، عدالت درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button