پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن جي امداد لا اپيلون ڪندڙن بابت ڊونرز کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. هن تحريڪ انصاف اڳواڻ عالمگير خان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد جي اپيل تي تنقيد ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي سندس هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي. بختاور ڀٽو تصوير سان گڏ لکيو ته هاڻوڪي انساني بحران جو هي وقت تحريڪ انصاف لاءِ چيئريٽي جي نالي تي فائدو کڻڻ جو ناهي، هن تصوير ۾ عالمگير خان جي هٿ ۾ کنيل بئنر تي تنقيد ڪندي لکيو ته بئنر تي خيمي جي جيڪا قيمت لکي وئي آهي اها اصل اگهه کان ٻيڻي آهي. بختاور ڀٽو وڌيڪ لکيو ته امداد ڏيندڙ ان ڳالهه کان خبردار رهن ته سندس ڏنل عطيو ڪٿي استعمال ٿي رهيو آهي. هن مشورو ڏنو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو حڪومت پاڪستان کي ڏنو وڃي يا وري ڪنهن رجسٽرڊ اين جي او ۾ جمع ڪرائڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close