اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ جي جعلي اڪائونٽن مان عارف علوي جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ٿي:ايف آ اي

اسلام آباد : وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي جعلي اڪائونٽن مان 2013 ۾ موجوده صدر عارف علوي جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف فارن فنڊنگ جي معاملي ۾ ايف آءِ اي ڪيترن ئي اڪائونٽن جي حوالي سان اهم انڪشاف ڪيا. ايف آءِ اي ذريعن موجب طارق شفيع، حامد زمان ۽ منظور چوڌري جا درجنين اڪائونٽ سامهون آيا آهن. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي جعلي اڪائونٽن مان صدر عارف علوي جي اڪائونٽ ۾ 2013 ۾ رقم منتقل ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب عارف علوي اهو اڪائونٽ سينٽرل فنانس بورڊ جي منظوري بنا کولرايو هو، ان ئي اڪائونٽ مان پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا کي به رقم منتقل ڪئي وئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب پي ٽي آءِ اسلام آباد جي اڪائونٽ مان اسد عمر کي به لکين رپيا منتقل ٿيا. ان اڪائونٽ ۾ ووٽن ڪرڪيٽ لميٽيڊ دبئي مان 13 لک آمريڪي ڊالر منتقل ٿيڻ جو پتو به پيو آهي. ذريعن موجب 13 وڌيڪ مقامي ڪمپنين پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪئي، هڪ ڪمپني جي مالڪ 30 لک رپين جو پارٽي فنڊ ڏنو. تحريڪ انصاف کي فنڊنگ ڪندڙ مقامي ڪمپني به جعلي نڪتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي مختلف بئنڪن کان سوين اڪائونٽن جو رڪارڊ قبضي ۾ ورتو آهي، جنهن ۾ ڳري رقم جي مبينا منتقلي سامهون آئي آهي. جڏهن ته رڪارڊ جي وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو جاري آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب لاهور ۾ هڪ اڪائونٽ مان ديني ٽرسٽ جي نالي تي 25 لک رپين جي رقم جي منتقلي سامهون آئي آهي. اها رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ حاصل ڪئي وئي پر ان جو استعمال سياسي مقصدن لاءِ ڪيو ويو. ذريعن موجب ايف آءِ اي طارق شفيع، حامد زمان ۽ منظور چوڌري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. طارق شفيع جو نالو اسٽاپ لسٽ ۾ وڌو ويو، هو ٻاهرئين ملڪ سفر نه ڪري سگهندو. ايف آءِ اي ذريعن موجب سمورا اڪائونٽ پي ٽي آءِ سينٽرل فنانس بورڊ جي منظوري بنا کوليا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button