پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ شاخ کي 100 فوٽ گهارو، ڳوٺاڻن جي لڏپلاڻ

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ سھجو رند وٽ بابو ڇن شاخ کي لڳل 20 فوٽ گھارو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو، ڳوٺاڻا گھاري کي ٻڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا، پر تيز وھڪري سبب ناڪام رهيا. اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پھتا. بابو ڇن شاخ ۾ نوابشاهھ شھر کي بچائڻ لاءِ ۽ بااثر زميندارن پاران گھرن ۽ فصلن جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب شان کي ڳوٺ سهجو رند وٽان 20 فوٽ گهارو پئجي ويو، جيڪو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو آهي، پر اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا. گھاري جو پاڻي ڳوٺ خيرو رند ڏانھن وڌڻ لڳو آھي ۽ ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آھن. متاثرن غلام نبي رند، علي بخش رند عرف ٻروچ، شاھنواز رند ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدارن ۽ منڍ جي بااثر زميندارن جي ملي ڀڳت سان بااثر لفٽن ذريعي پنھنجي فصلن کي بچائڻ لاءِ شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪيو ۽ اسان کي ھٿن سان ٻوڙايو، بار بار آبپاشي عملدارن کي گھاري ۽ شاخ جي بندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اطلاع ڪيو، پر ڪير به نه پهتو، نه ئي چونڊيل نمائندن سار لڌي آهي. ھنن سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته شاخ جو گھارو بند ڪرائي شاخ تي رينجرس مقرر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button