اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت کي 15 ارب امداد ڏيڻ جو اعلان/ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين:شهباز شريف

اسلام آباد/سکر :وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ بعد بحالي لاءِ سنڌ حڪومت کي 15 ارب رُپين جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزير اعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي سنڌ پهتو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏو وزير مراد علي شاهه، خورشيد شاهه ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته بلاول ۽ وڏي وزير وزير اعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سنڌ لاءِ پندرنهن ارب رپين جي گرانٽ پنهنجي کيسي مان نه پيو ڏيان پر هي عوام جي ٽئڪس جو پئسو آهي. هن چيو ته هن وقت امدادي ۽ رليف جو ڪم آهي، بحالي وارا ڪم بعد ۾ ٿي ويندا، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم، صوبائي حڪومتون ۽ لاڳاپيل انتظاميا ڪارروائين ۾ رُڌل آهي. ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪرڻ بعد سکر بئراج تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سنڌ ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهڪارين تي بريفنگ ڏني وئي آهي. هن چيو ته ٻوڏ وهڪرن هر پاسي تباهي مچائي ڇڏي آهي، سڄي سنڌ پاڻي ئي پاڻي آهي، نوَ سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن. شهباز شريف چيو ته بلوچستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ پڻ ٻوڏ واري صورتحال آهي. برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصل ختم ٿي ويا، گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪروڙين ماڻهو بي گهر جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت گرانٽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ استعمال ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته صوبن سان گڏجي ڪري ٻوڏ سٽيلن جي مدد ڪري رهيا آهيون. متاثرن جي امداد بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته 28 ارب رُپيا بي آءِ ايس پي کي ڏنا آهن، اڄ کان سنڌ ۾ ورهاست شروع ٿي ويندي. بلوچستان ۾ به حالتون ڏاڍيون خراب آهن. وزيراعظم متاثرن جي ضرورتن بابت ڳالهائيندي چيو ته سرندي وارا، صنعتڪار، واپاري عطيا ڏين، ماضي ۾ به سرندي وارن پنهنجو حصو وڌو هو، خيمن ۽ مڇر دانين جو انتظام ڪري رهيا آهيون، جيڪي مڇر دانيون اهي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ورهايو ويون، وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته هي سياست نه خدمت جو وقت آهي ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي آهي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين ۽ آخري متاثر شخص کي بحال ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي جائزو ورتو آهي ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. ان کان اڳ هن روهڙي، خيرپور، فيض گنج، ڪوٽڏيجي ۽ ٺري ميرواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو هوائي دورو ڪيو، جنهن بعد هو متاثرن جي مدد ۽ بحالي وارن ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ سکر پهتو. دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات کان پوءِ وزيراعظم ٻوڏ ۾ سوين ماڻهو پنهنجا پيارا وڃائي ويهڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. ميڊيڪل ڪئمپ ۾ علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ان متاثرن سان ملاقات ڪئي آهي کين خوراڪ، دوائون ۽ پاڻي سميت بنيادي ضرورتون فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته متاثرن کي گهرن جو معاوضو ڏنو ويندو، وفاقي حڪومت 10 لک رپيا في خاندان فراهم ڪندي. صوبائي حڪومت به پنهنجي پاران مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته متاثرن جا گهر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، وفاق پاران 25 هزار رپيا في گهراڻو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڏنا ويندا. وزيراعظم چيو ته معاشي مشڪل صورتحال جي باوجود حڪومت متاثرن جي هرممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته اتحادي پارٽيون ڏينهن رات عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن، گڏجي هن ڏکي صورتحال کي منهن ڏينداسين. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي سفيرن سان ملڪي ٻوڏ واري صورتحال تي هنگامي ملاقات ۾ ڳالهائيندي شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سان هن وقت تائين 3 ڪروڙ 30 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. ايڏي وڏي انگ ۾ متاثرن کي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ ٽينٽ فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. گهرن، ملڪيتن ۽ انفرااسٽريڪچر کي ٿيل نقصانن جو شروعاتي کاتو اربين رپيا آهي. بين الاقوامي مالياتي ادارن ۽ تنطيمن طرفان سهڪار تي انهن جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جي رڪارڊ برسات پئي، 13 جون کان پوءِ هن وقت تائين ٻوڏ جي وهڪرن ۾ 900 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، 1300 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ اٽڪل 8 لک ڍور ٻوڏ جي پاڻي جي ور چڙهي ويا. گهرن ملڪيتن ۽ انفرااسٽريڪچر کي ٿيندڙ نقصان جو شروعاتي ڪاٿو اربين رپيا لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان موسمي تبديلي ۾ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي. جڏهن ته پاڪستان جو ڪاربن گئسن جي خارج ڪرڻ ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته متاثرن کي خيما مڇردانيون کاڌي پيتي جون شيون ۽ دوائون فراهم ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن ۽ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ملاقات ۾ آسٽريليا، چين، جاپان، ڪويت، ڏکڻ ڪوريا، ترڪي، گڏيل عرب امارات، آمريڪا، جرمني، بحرين، يورپي يونين، فرانس، اومان، قطر، برطانيا ۽ سعودي عرب جا سفير موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button