
سکر :وزيراعظم شهبازشريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سکر ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته حڪومت مشڪل وقت ۾ کين اڪيلو نه ڇڏيندي. ان موقعي تي شهبازشريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري عورتن ۽ ٻارڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کاڌي پيتي جون شيون ملڻ جي حوالي سان معلوم ڪيو. وزيراعظم متاثرن کي چيو ته اوهان ڳڻتي نه ڪريو، اوهان کي هر ممڪن امداد ڏني ويندي.