اسلام آبادپاڪستان

کاڌ خوراڪ ۽ پناهه جي کوٽ،لکين ماڻهو خطري ۾ آهن:شيري رحمان

اسلام آباد : وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي سنگين اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هلندڙ چوماسي سسٽم سڄي ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. جمعي تي پنهنجي وڊيو بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي هيٽ ويو، جهنگن ۾ باهه، گلاف، برساتن ۽ ٻوڏ جهڙن واقعن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسان ماحولياتي تبديلي جي اثرن جي پهرين قطار ۾ بيٺا آهيون. شيري رحمان چيو ته هاڻي ڏهاڪي جي سڀ کان ڳري وڏي چوماسي سسٽم سڄي ملڪ ۾ تباهي آڻي ڇڏي آهي. هاڻوڪي برساتن ۽ ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقا سنڌ ۽ بلوچستان آهن. هن چيو ته هاڻي لکين ماڻهو خطري ۾ آهن، ماڻهو خوراڪ ۽ پناهه کان سواءِ آسمان هيٺ ويٺا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button