پاڪستانسنڌ

رليف ۽ ريسڪيو جو وقت آهي،پوري قوم متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچي:بلاول

سکر :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف طرفان سکر ۽ ڀرپاسي جي متاثر علائقن جي دوري دوران ڳالهائيندي چيو ته مشڪل وقت ۾ دوري ۽ مدد ۽ تعاون تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. برساتن سان وڏي تباهي ٿي آهي ۽ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فصلن ۽ گهرن کي وڏو نقصان ٿيو آهي. سمورين سياسي پارٽين کي هن آفت جو مقابلو ڪرڻو آهي. هي رليف ۽ ريسڪيو جو وقت آهي. پوري قوم متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان اچي. هن چيو ته هن وقت متاثرن کي ٽينٽ ۽ راشن جي سخت ضرورت آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته وفاق سان گڏجي مشڪل گهڙي ۾ عوام جي مدد ڪنداسين. هن ميڊيا تي زور ڀريو ته ٻوڏ سان ٿيل نقصانن کي ظاهر ڪري ۽ پرڏيهي ادارا ۽ برادري به عوام جي مدد لاءِ آڏو اچي. ان موقعي تي راشد سومرو چيو ته اتحادي حڪومت متاثرن جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button