پاڪستانخيبرپختونخوا

خيبر پختونخوا ۾ ٻوڏ تباهي آڻي ڇڏي، 24 ڄڻا فوت، ايمرجنسي لاڳو

پشاور: ڊيرا اسماعيل خان ۽ سوات سميت خيبر پختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي وهڪرن تباهي آڻي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪابل درياء ۾ وڏي ٻوڏ سبب نوشهرا جي ڪجهه آبادين کي خالي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. رپورٽ مطابق ٽن ڏينهن کان جاري مسلسل برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي وهڪرن خيبرپختونخوا جي ڪيترن ئي علائقن کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو، تعلقي درابن، پروا، ڪلاچي، درا زندا ۾ سوين گهر ۽ روڊ ٻڏي ويا. ٻوڏ سان ڊيرا اسماعيل خان جو 60 سيڪڙو علائقو پاڻي ۾ ٻڏي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ زندگي جو نظام متاثر ٿي ويو، ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي تي مجبور ٿي ويا ۽ امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن. هوڏانهن سوات به ٻوڏ سان سخت متاثر آهي، مختلف علائقن ۾ ڪيترائي گهر ۽ مسجدون لڙهي ويون ۽ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي. صوبائي حڪومت ٻوڏ سان متاثر سوات ۽ چارسدا ۾ 30 آگسٽ تائين ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ تعليمي ادارا به 30 آگسٽ تائين بند ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي نوشهرا ۾ ٻوڏ جي خطري سبب ڊپٽي ڪمشنر نوشهرا سڄي ضلعي ۾ ايندڙ حڪم تائين تعليمي ادارا بند رهڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ڊي سي مطابق ڪابل ندي ۾ خيالي واري هنڌ وٽ هن وقت 2 لک 70 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي ۽ جيئن جيئن پاڻي جي وهڪري ۾ اضافو ٿيندو ان جي نتيجي ۾ اوور فلو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته نوشهرا ڪلان، خٽڪلي، پوليس لائنز، امان ڳڙهه، ڌوٻي گهاٽ، عالم گارڊن، عثمانيا، زڙه مينه جا رهواسي پنهنجا علائقا فوري طور تي خالي ڪن. هن چيو ته جي ٽي روڊ تي به ٽي کان چار فوٽ پاڻي اچي سگهي ٿو، هن وقت جيڪو سامان کڻي سگهو ٿا کڻو، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن کي ٻاهر ڪڍو، رات جي اوندهه ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. هوڏانهن بالاڪوٽ ۽ ڪاغان وادي ۾ به تيز برسات جو سلسلو جاري آهي، بالاڪوٽ ۾ منور نالي ۾ ٻوڏ اچي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي دڪان ۽ هوٽل ڊهي پيا، ڪيترن ئي اسڪولن ۽ پوليس چوڪي کي به نقصان پهتو. وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف ٻڌايو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان 24 شهري فوت ۽ 19 زخمي ٿيا، 2249 گهر مڪمل تباهه ۽ 1434 کي جزوي نقصان پهتو، 216 جانور به مري ويا. سوات، چترال، ڊي آءِ خان، ٽانڪ ۽ دير ۾ به ٻوڏ آئي آهي. صوبائي حڪومت وڌيڪ متاثر ٽن ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي جتي امدادي ڪارروايون جاري آهن. حساس علائقن ۾ موجود آبادي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي. پي ڊي ايم اي چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب هن مهل تائين 193 ڄڻا فوت ۽ 251 زخمي ٿي چڪا آهن، ٻوڏ سبب صوبي ۾ 19748 گهرن، هوٽلن ۽ ٻين عمارتن کي نقصان پهتو، ٻوڏ ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿيل عمارتن جو انگ 10761 جڏهن ته جزوي طور تي 8987 گهر ۽ عمارتون متاثر ٿيون آهن. هوڏانهن هزارا ڊويزن جي ٻن ضلعن ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 21 ٿي ويو آهي. اطلاعن مطابق مانسهرا جي ڪاغان ماٿري ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ 14 ماڻهو لڙهي ويا جنهن کانپوءِ ڪنهار درياء مان عورتن ۽ ٻارن سميت 10 لاش ڪڍيا ويا آهن. ڪوهستان دبير ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ 5 ڀائر لڙهي ويا جڏهن ته ڪوهستان پٽن ۾ ٻوڏ ۽ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 عورتون ۽ فوت ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button