سنڌ

وري ملون نھ ملون، زندگي رھي نھ رھي: جذبن کي زندگي بخشيندڙ شاعر امداد حسيني وڇڙي ويو

سنڌي شاعري ۾ جذبن کي زندگي بخشيندڙ شاعر امداد حسيني سنڌ واسين کان وڇڙي ويو آهي. ميڊيا مطابق سنڌ جي مشهور ايوارڊ يافتا شاعر، ليکڪ ۽ ترجمي نگار امداد حسيني ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 82 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي، سندس ڳاڻيٽو سنڌي ٻولي جي موجودا دور جي انهن شاعرن ۾ ٿيندو آهي، جن کي سندن دل کي ڇهي ويندڙ تخيل سبب تمام گهڻي شهرت ملي آهي. امداد حسيني شاعر هجڻ سان گڏ ڊرامو لکندڙ، ناول نگار هو، پر هن فيض احمد فيض جي خطن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ سنڌي ڪلاسيڪي ادب جي شاعري ۽ ناولن کي اردو ۾ پڻ ترجمو ڪري ماڻهن تائين پهچايو آهي.

امداد حسيني زال ۽ ڪوريوگرافر پٽ سان گڏ آهي (فائيل فوٽو)

امداد حسيني جي لاڏاڻي جي خبر سندس پٽ ڊانسر ۽ ڪوريوگرافر سيد وجدان شاهه مداحن کي ڏني آهي. امداد حسيني جي لاڏاڻي تي شوبز دنيا جي شخصيتن سان گڏ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ثقافت کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ اهم شخصيتن ڏک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي ڀرجي نھ سگهندڙ ادبي نقصان قرار ڏنو آهي. جڏهن تھ سوشل ميڊيا تي مداحن هزارن جي تعداد ۾ ساڻس گڏ ادبي تقريبن ۾ ورتل تصويرون شيئر ڪندي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي آهي. امداد حسيني کي سنڌي سان گڏ، اردو، انگريزي، پنجابي، سرائيڪي ۽ فارسي سميت ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو. امداد حسيني کي ادب ۽ فن ۾ خدمتن جي مڃتا طور 2002ع ۾ حسن ڪارڪردگي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو. هن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ، سنڌي لينگوئج اٿارٽي سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه وارن ادارن ۾ پڻ ڪم ڪيو.

امداد حسيني جو تقريب دوران هڪ مداح سان گڏ فوٽو

امداد حسيني 1941ع ڌاري حيدرآباد ويجهو ڳوٺ ٽکڙ ۾ جنم ورتو ۽ 1970ع بعد سرڪاري ملازمت ۾ آيو. هن جي گهرواري سحر امداد پڻ سنڌي ٻولي جي نامياري شاعرا آهي. جڏهن تھ هن سوڳوارن ۾ زال ۽ ٽي ٻار ڇڏيا آهن. امداد حسين جي شاعري مان، مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آهي، امداد آهي رول، وري ملون نھ ملون زندگي رهي نھ رهي وڏي مقبوليت ماڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button