پاڪستان

شهباز گل جي جسماني رمانڊ خلاف اپيل خارج ڪرڻ جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جسماني رمانڊ خلاف اپيل خارج ڪرڻ جو عدالتي فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. شهباز گل ٻه ڏينهن رمانڊ لاءِ سرڪار جي اپيل منظور ڪرڻ جو فيصلو به سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي. داخل اپيلن ۾ ايڊيشنل سيشن جج، وفاق، ايس ايس پي انويسٽيگيشن اسلام آباد پوليس کي ڌر بڻايو ويو آهي، ان کانسواءِ درخواست ۾ آءِ جي اسلام آباد، ايس ايڇ او ڪوهسار ٿاڻي ۽ بئريسٽر غلام مصطفيٰ چانڊئي کي به ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسماني رمانڊ خلاف اپيل خارج ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ سيشن جج زيبا چوڌري جو ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جو فصيلو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته شهباز گل خلاف 12 آگسٽ کانپوءِ سموري جاچ ۽ شاهدين کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، شهباز گل جي حراست کي غير قانوني ۽ بنيادي حقن خلاف ڊڪليئر ڪيو وڃي. درخواستگذار طرفان چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسماني رمانڊ بابت سرڪار جي اپيل منظور ڪرڻ جو فيصلو به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ شهباز گل تي تشدد جي انڪوائري لاءِ آزاد ۽ اڻ ڌريو ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button