پاڪستانسنڌ

وڏو وزير عمرڪوٽ پهتو، متاثرن جون دانهون

عمرڪوٽ: وزيراعلى سنڌ مراد علي شاھه عمرڪوٽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج جو اوچتو دورو ڪيو، برسات متاثرن راشن، خيما ۽ مڇردانين سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ تي دانهون ڪيون. ان موقعي تي وڏي وزير مراد شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ جي ٻوڏ متاثرن کي امداد جي ڏاڍي ضرورت آھي، ڪوشش ڪنداسين ته انھن تائين انتظاميا ذريعي امداد پھچائي وڃي. هن چيو ته سنڌ سرڪار متاثرن کي سهولتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جلد شهرن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي متاثرن جي بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو. جنھن بعد هن ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ طاھر علي ميمڻ کان ضلعي ۾ برساتن جي تباهي ۽ ٻوڏ متاثرن بابت بريفنگ ورتي. مراد شاھه متاثرن کي جلد رليف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي تعليم وارو وزير سردار شاھه، ايم پي اي امير علي شاھه، صوبائي وزير تيمور ٽالپر، ڊاڪٽر نور علي شاھه ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. وڏي وزير مختلف عملدارن کي عمرڪوٽ ۾ پاڻي جي نيڪالي کان وٺي ھر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ پوليس کي پنھنجا فرض سرانجام ڏيڻ جون هدايتون ڪيون. مراد شاهه عمرڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ٻوڏ متاثرن پاران وڏي وزير کي شڪايتون ڪرڻ باوجود انتظاميا ڪئمپ ۾ سهولتون فراهم نه ڪيو. هنن چيو ته پيئڻ لا پاڻي ۽ کائڻ لا ڪجهه ناهي ڏنو ويو، ڪيترن ئي ڏينهن کان وهنجي ناهيون سگهيا، چانور کائي کائي بيمار ٿي پيا آهيون. ٻوڏ متاثر عورتون ۽ مرد توڙي ٻارڙا چونڊيل نمائندن اڳيان پنھنجا ڏک ونڊيندي روئي پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button