پاڪستانسنڌ

اسٽيٽ بئنڪ جو ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن ڀيري ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏنو ويندو، هارين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 381 ارب روپين جا واڌو قرض ڏنا ويندا.

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته موجوده سال 1800 ارب روپين جي زرعي قرضن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي فصل لاءِ 140 ارب، ٽريڪٽر فنانسنگ لاءِ 45 ارب روپين جا قرض ڏنا ويندا. اسٽيٽ بئنڪ موجب هارويسٽرز سميت فارم مشينري لاءِ 20 ارب روپيا فراهمي جو هدف مقرر ڪيو آهي، غذائي تحفظ لاءِ قرض جي علامتي حد 60 هزارن مان وڌائي هڪ لک ڪئي وئي آهي، آبادگار بهتر فصلن لاءِ معياري ڪچو تيل استعمال ڪري سگهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button