جاتي: جاتي ويجهو ڳوٺ محسن ٿھيم جي رھواسي کير جي واپاري نوجوان امام بخش ٿھيم کي بااثر ماڻھن رسن سان ٻڌي اڌ مڇ، ڀرون ۽ اڌ مٿو ڪوڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا. خبر موجب جاتي ويجهو ڳوٺ محسن ٿھيم جي رھواسي کير جي واپاري نوجوان امام بخش ٿھيم جاتي ۾ صحافين آڏو دانھيندي چيو آهي ته بااثر ڪليم الله ٿھيم، عبدالغني ٿھيم ۽ حبيب ٿھيم مون کي رسن سان ٻڌي اڌ مڇ، ڀرون ۽ اڌ مٿو ڪوڙي سخت تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا آهن. ھن چيو ته مون کي بلاجواز تذليل جو نشانو بنائي ظلم ڪيو ويو آھي.
ھن چيو ته مون جي تذليل ڪندڙ بااثر آھن، مون کي ميڊيا آڏو اچڻ کان روڪڻ ۽ ڪيس نه ڪرڻ جو دٻا وجھي خطرناڪ نتيجن ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن. ھن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن جاتي ٿاڻي تي نوجوان جي ڀا جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته اسان جو جوابدارن سان تڪرار هلندڙ آهي. ٻئي طرف پوليس واقعي بابت ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته جوابدارن پڻ واقعي بابت ڪوبه موقف نه ڏنو آهي.