پاڪستانسنڌ

اختلافن کي وسارڻ گهرجي، عوام خاطر گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊ ماس ٽرانزٽ ۽ حيدرآباد رين ايمرجنسي جي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته موجوده برساتن جون تباهڪاريون جاري آهن، جنهن پوري ملڪ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت پاران سڀني لاءِ پيغام آهي ته اسان عوام خاطر سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. صوبائي وزير چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي ورڪرن کي خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي امدادي ڪارروائين ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته لکين ماڻهو حڪومت، سياسي پارٽين ۽ ميڊيا ڏانهن ڏسي رهيا آهن. ڪالهه شهباز هال حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۽ عوام خاطر سياست کان هٽي ڪري اهڙين حالتن ۾ بدترين سياسي اختلافن کي عوام خاطر وسارڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سياست تڏهن ٿيندي، جڏهن عوام ۽ ملڪ هوندو. هن چيو ته هي سياست لاءِ وڏو وقت آهي، پهرين برسات جون تباهڪاريون هيون، هاڻي ٻوڏ جو خدشو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ ته مٿانهين وارن علائقن مان وڏو ٻوڏ جو ريلو اچي رهيو آهي.

هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پهرين ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي پوءِ سندن بحالي جو ڪم ڪيو وڃي ۽ تاريخ ۾ ايتري تباهي نه آئي آهي. هن ٻڌايو ته برساتن دوران ڪل 341 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن، جڏهن ته 1009 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ان کان علاوه 13623 ڍور مري چڪا آهن. هن ٻڌايو ته 4 لک 44 هزار 967 جزوي، جڏهن ته 2 لک 87 هزار 447 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته 27 لک 98 هزار 895 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو آهي، برساتن ۽ ٻوڏ سبب 6 لک 48 هزار 621 خاندان متاثر ٿيا آهن. صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن سبب 17 لک 53 هزار 308 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ ڪل 50 لک جي آبادي متاثر ٿي آهي. صوبائي وزير چيو ته 2328 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا آهن، جڏهن ته 60 پلون، 32 دڪان ڊهي پيا ۽ 6 مسجدون پڻ شهيد ٿيون آهن. ان کان علاوه پوري سنڌ ۾ 1766 فلڊ رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته 4 لک 85 هزار 759 ماڻهو امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن. پي ڊي ايم اي 89 هزار 815 خيما، 30 هزار 710 ترپال جڏهن ته اين ڊي ايم اي 7443 خيما ۽ 8900 ترپال متاثرن ۾ پهچايا آهن. هن ٻڌايو ته برسات متاثرن ۾ پي ڊي ايم اي 35 هزار 442 راشن بيگس ۽ اين ڊي ايم اي 4 هزار 780 راشن بيگس ورهايا آهن. صوبائي وزير چيو ته جتي به امدادي ڪيمپون آهن اتي انتظاميا ۽ سرندي وارا تيار ٿيل کاڌو پهچائي رهيا آهن.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان راشن ڏيون ها ته اتي حالتون اهڙيون آهن جو اهي هڪ لڪڙي به ٻاري نٿا سگهن. هن چيو ته برسات متاثرن جي سرندي وارا ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن. هن سرندي وارن ۽ اين جي اوز تي زور ڀريو ته اهي متاثرن کي ڪجهه ڏيڻ چاهين ٿا ته پهرين لاڳاپيل انتظاميا سان لهه وچڙ ۾ اچن ته جيئن گڏيل طور متاثرن جي مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته متاثر ٿيل ماڻهو پي ڊي ايم اي جي ڪنٽرول روم نمبر 03355557362 ۽ 02135381810 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. صوبائي وزير چيو ته هر متاثر خاندان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار رپيا مهيا ڪيا پيا وڃن ۽ اسان کي خبر آهي ته تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي پر هن رقم مان به سندن ڪجهه ڪفالت ٿي ويندي. هن چيو ته لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هزارين ماڻهو امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي منفي پروپيگنڊا هلائي پئي وڃي. هن واضح ڪيو ته اسان جو ڪوبه نمائندو پنهنجن زمينن کي بچائڻ لاءِ ماڻهن کي نه ٻوڙي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ نيوي جي جتي به ضرورت پوي ٿي اهي سول انتظاميا جي مدد ڪري رهيا آهن ۽ سمورا ادارا گڏجي انهي قومي سانحي ۾ متاثر ٿيل عوام جي مدد ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button