سجاول/چوھڙجمالي/ڪراچي: وزيراعظم محمد شھباز شريف چيو آهي ته هڪ پارٽي جي سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي سگهي ٿي، ان کان وڏي ملڪ سان ڪابه سازش ٿي نه ٿي سگهي. هن چيو ته سنڌ جي صورتحال انتھائي خراب آھي ھر طرف پاڻي ئي پاڻي نظر اچي ٿو، انشا اللہ جيڪا تباھي آئي آھي، جيڪو نقصان ٿيو آهي، انھي لاءِ سنڌ حڪومت سان ڀرپور سھڪار ڪري متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ھر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ 38 ارب رپيا فراهم ڪندي. هر خاندان کي 25 هزار رپيا ڏنا ويندا. امدادي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ متاثرن جي بروقت مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي 15 ارب رپين جي گرانٽ ڏني وئي آهي. سنڌ ۾ هر طرف پاڻي پکڙيل آهي ۽ ڪوبه هنڌِ سڪل ناهي. اها امداد باقي صوبن کي به ڏني ويندي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اترين علائقن ۾ به ٻوڏ ۽ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. نوشهره بابت اسان کي خبردار رهڻو پوندو، سوات ۽ ڪالام ۾ ٻوڏ سبب هوٽلون ۽ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي هيلي ڪاپٽرن ۽ ٻيڙين ذريعي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. اسان کي حوصلي سان گڏ موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. اين ڊي ايم اي سان گڏجي بحالي تي ڪم ڪنداسين. ڪالهه وزيراعظم محمد شھباز شريف ضلعي سجاول جي ساحلي پٽي واري تعلقي شاھه بندر پھتو ۽ ضلعي جي ساحلي پٽيءَ جو دورو ڪري برساتي ۽ سامونڊي تباھڪارين بابت عملدارن کان بريفنگ ورتي. ان کان اڳ وزير اعظم شھباز شريف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه سان گڏ سجاول جي ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. جتي کيس سنڌ جي وڏي وزير سنڌو درياءَ جي وھڪرن توڙي تباهڪارين بابت آگاھي ڏني. وزيراعظم شھباز شريف ٻن ھيلي ڪاپٽرن سان گڏ نيول بيس شاھبندر پھتو، جتي نيوي جي اعلى عملدارن توڙي ضلعي سجاول جي چونڊيل نمائندن سندس آڌرڀا ڪيو.
جڏھن ته وزيراعظم شاھه بندر جي برسات متاثر ڳوٺ گل محمد اپلاڻو ۾ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي جو پڻ دورو ڪري متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ تفصيل ورتا. ڊپٽي ڪمشنر سجاول شھريار گل ميمڻ سميت ٻين عملدارن کيس بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شھباز شريف تازين برساتن کي تاريخي تباھي قرار ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي ھمت کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ سمورن کي ملي ڪري امدادي ڪمن ۾ ھٿ ونڊائڻو پوندو، ٻوڏ ۽ برساتن سنڌ سميت پوري ملڪ کي وڏو نقصان پھچايو آھي. ھن چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون مسلسل رليف جي ڪمن ۾ مصروف آھن، وزير اعظم شھباز شريف وڌيڪ چيو ته اسان کي الله تعالى کان توبنهه ڪرڻ گھرجي. اسان کي ملي ڪري موجوده صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو. جڏهن ته وزيراعظم جي دوري وقت مقامي ميڊيا کي وزيراعظم کان پري رکيو ويو، جنھن تي سجاول ضلعي جي صحافين ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل ھئي.