پاڪستان

ڪئناڊا جي حڪومت طرفان 20 هزار ڊالر امداد جو اعلان

پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪئناڊا جي حڪومت 20 هزار ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. ڪئناڊا جي هرجيت سجن هڪ بيان ۾ چيو ته ڪئناڊا جي حڪومت پاڪستان ۾ امدادي ڪمن لاءِ انترنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس ۽ حلال احمر سوسائٽي کي 20 هزار ڊالر رکيا آهن، هي فنڊ پاڪستان ريڊ ڪريسينٽ سوسائٽي پاڻي، صفائي ۽ صحت جي خدمتن ۽ روڪ امداد لاءِ استعمال ڪندي. هن چيو ته اسان صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهيون ۽ ملڪي ڀائيوارن ۽ تمام گهڻين تنظيمن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهو ڏسون ته ڪئناڊا پاڪستاني عوام لاءِ ڇا اضافي امداد فراهم ڪري سگهي ٿو، ڪئناڊا، گڏيل قومن جي سينٽرل ايمرجنسي رسپانس فنڊ جو به عطيو ڏيندڙ آهي، جنهن ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لا به 30 لک ڊالر رکيا آهن هي فنڊنگ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت، غذائيت، خوراڪ، پاڻي ۽ صفائي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. ڪئنيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ بيان ۾ چيو ته ڪئناڊا خوراڪ صاف پاڻي ۽ ٻيون ضروري خدمتون جلد فراهم ڪرڻ لاءِ يو اين سي اي آر ايف جي ذريعي مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مون وانگر سڄي ملڪ جو عوام پاڪستان ۾ متاثر ٿيندڙ هر فرد لاءِ پريشان آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ اسان کي مايوس ڪري ڇڏيو آهي منهنجا احساس متاثرن سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button