پاڪستان

زورآور پاڻي اڳيان لکين زندگيون بيوس، سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ 28 ڄڻا فوت

ملڪ جي اترين علائقن کان سنڌو جي ڇوڙ تائين پاڻي جي بيرحم موجن ڪروڙين ماڻهن کي بيوس ڪري ڇڏيو آهي، ٻوڏ گذريل 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 28 حياتيون ڳڙڪائي وئي، جنهن بعد سڄي ملڪ اندر فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي هڪ هزار 61 ٿي ويو آهي، هڪ لک گهر ۽ عمارتون پاڻي ۾ لڙهي تباهه ٿي ويون. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 14 جون کان وٺي هلندڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب پاڪستان ۾ 1061 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جن ۾ 359 ٻار به شامل آهن، 1575 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ هڪ لک گهر ۽ عمارتون ڊهي ميسارجي ويون آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 فوتگين مان سڀ کان وڌيڪ جاني نقصان خيبر پختونخوا ۾ ٿيو آهي، جتي 16 حياتيون پاڻي جي وهڪرن جو کاڄ بڻجي ويون. اين ڊي ايم اي مطابق ٻوڏ سبب ملڪ جي 72 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، بلوچستان جا 31 ضلعا، سنڌ جا 23 ضلعا، خيبرپختونخوا ۾ 9 ضلعا، گلگت بلتستان جا 6 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن. ٻوڏ سبب سڄي ملڪ اندر سبب 3457 ڪلوميٽر ڊگھا روڊ، 157 پليون، 170 دڪان ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک گهر ۽ عمارتون تباهه ٿي ويون آهن، جڏهن ته 7 لک 27 هزار 144 ڍور ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي مري ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٻهراڙين جي مالوند ماڻهن کي وڏو نقصان پهتو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9931 گهر ۽ عمارتون ڊهي پٽ ۽ 7505 ڍور ٻڏي مري ويا آهن. سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 33075 گهر ۽ عمارتون ڊهي پٽ ٿيون. ان دوران گلگت بلتستان ۾ 8 پليون ٽٽي چڪيون آهن. خيبرپختونخوا ۾ مٿانهين ٻوڏ جي پاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آهي، جنهن سبب نوشهرا ۾ ها الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ڪابل ندي مان 3 لک 70 هزار ڪيوسڪ جي ٻوڏ اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري جي ٽي روڊ تي ٻوڏ جو پاڻي اچي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button