پاڪستانسنڌ

سنڌ جي 22 ضلعن ۾ 6 لک مهارا ورهائڻ شروع ڪيا آهن: عبدالقادر پٽيل

ٺٽو: صحت کاتي جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل ٺٽي پهچي سنڌ جي 22 ضلعن جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 26 ڪروڙ رپين جي ماليت سان خريد ڪيل 6 لک مڇردانيون/مهارا ورهائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ٺٽي ۾ مڇردانين جي ورهائڻ واري تقريب کي خطاب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالقادر پٽيل چيو ته سندس صحت کاتي واري وفاقي وزارت ۽ گلوبل فبڊ توڙي پي پي ايم اي ۽ يونسيف سان گڏجي سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ پهريون قدم کڻندي سنڌ جي 22 ضلعن جي متاثرن لاءِ 26 ڪروڙ رپين جون 6 لک مڇردانيون، 9 ڪروڙ جو دوائون ۽ 21 لک ويڪسينشن جي فراھمي ڪئي پئي وڃي. عمران خان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته شوڪت خانم جي نالي تي هر وقت چندو گھرڻ هن جو وتيرو آهي ۽ هو دنيا جو وڏو فقير رهيو آهي جيڪو هاڻ فارن فنڊنگ ۾ به ظاهر ٿي ويو آهي ۽ کيس اليڪشن ڪميشن پڻ ملزم ثابت ڪري چڪي آهي. هن جو اهو به چوڻ هو ته سنڌ سميت بلوچستان ۾ برساتن سبب وڏي تباهي آئي آهي ۽ پڻ وفاقي حڪومت متاثرن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25، 25 هزار ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ جلد متاثرن کي پڻ راشن جي فراهمي ۾ مدد ڪئي ويندي جڏهن ته وزير اعظم پاران پڻ ريليف ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا سروي ڪرڻ سان گڏ ڊيٽا پڻ گڏ ڪري متاثرن ۾ امدادي سامان جي فراهمي واري طريقي تي ويچاريندي جڏهن ته ان موقعي تي وڏي وزير جي خصوصي معاون صادق علي ميمڻ، مختلف تنظيمن جا اڳواڻ پڻ موجود هيا ان کان اڳ ٺٽي جي ڊي سي غضنفر علي قادري، مرف جي ريجنل ڊاريڪٽر آدم ملڪ پڻ ٺٽي جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن بابت قائم امدادي ڪئمپن توڙي امدادي ڪارروائين جي سلسلي ۾ کنيل قدمن بابت ڄاڻ ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button