سنڌ

ملڪاڻي ڀرسان پراڻ ندي ۾ چاڙهه، هزارين ماڻهن جي ننڊ ڦٽل، تباهي جو خدشو

ملڪاڻي شريف: ملڪاڻي شريف لڳ روشن آباد وٽان پراڻ ندي ۾ چاڙهھ بلند ترين سطح تي پهچي ويو، بند ڪمزور هئڻ ڪري هزارين رهواسي خوف وچان راتيون جاڳي گذارڻ لڳا، رهواسي پنهنجي مدد پاڻ تحت بندن کي مٽي جا ڪٽا ڀري مضبوط ڪرڻ ۾ ڏينهن رات رڌل، خبر موجب پراڻ ندي جيڪا ضلعي ميرپور خاص وٽان ٿيندي جهڏي شھر وچان گذر ڪري يوسي 27، يوسي 28 ۽ يوسي 29 جي بلڪل بارڊر ايريا کان تعلقي جهڏي جي يوسي روشن آباد وٽان ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ڇوڙ ڪري ٿي جڏھن ته هن وقت ايل بي اوڊي سم نالي ۾ پراڻ جو پاڻي کڻڻ جي گنجائش بلڪل به ناهي ڇوته ايل بي او ڊي سم نالي ۾ صرف ساڍا چار هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش آھي ۽ هن وقت اوڻويهه هزار ڪيوسڪ پاڻي هلي رهيو آھي ان ڪري پراڻ ندي جو پاڻي جيڪو ضلعي ميرپورخاص جي شھرن ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، ميرواهه گورچاڻي ۽ جهڏو شھرن کي بلڪل ٻوڙي چڪو آھي جڏھن ته جهڏو شھر جي گلين ۾ هن وقت پاڻي جي سطح چار کان پنج فوٽ تائين پهچي چڪي آھي، سمورو شھر ڪاروباري لحاظ کان بند پيل آھي ۽ رهواسي پنهنجا بنگلا ۽ ڪاروباري ڇڏي پنهنجن ٻچن سميت محفوظ هنڌن تي متقل ٿي ويا آھن. ٻئي طرف پراڻ ندي جا بند صرف ضلع بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي واري سائيڊ کان ڪمزور حالتن ۾ آھن جتان ڪنهن به وقت ڪيترائي گهارا پوڻ جو تمام وڏو خطرو آھي، ان ڪري ڊپٽي ڪمشنر بدين طرفان امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لائي عوام کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جا اعلان ڪرايا ويا آھن ۽ متاثرن لا ملڪاڻي شريف، مصري کوسو، پنگريو شھر ۽ ڳوٺ دين محمد ڪمبوهه ۾ ڪيمپون قائم ڪيون ويون آھن ۽ هتان جي عوام.کي ڪيمپن ۾ منتقل ٿيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آھي جنهن جي نتيجي ۾ ڄاڻايل علائقن ۾ وڏو خوف ۽ حراس ڦھلجي ويو آھي جڏھن ته يوسي ملڪاڻي شريف ۾ برسات ۾ سوين خاندن بي گهر ٿيڻ سان گڏ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل زرعي فصلن جو پڻ وڏو نقصان ٿيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button