سنڌ

نئون دمبالو ۾ ڳوٺًاڻن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

نئون دمبالو: نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ خميسو ڪورائي جي رهواسين ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ چونڊيل نمائندن پاران واهر نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب نئون دمبالو ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جنهن ۾ ڳوٺ خميسو ڪورائي، ڳوٺ ڪرم علي ڪورائي، ڳوٺ ڳينو ڪولهي، ڳوٺ ارجن ڪولهي ۽ ڳوٺ نيلو ڪولهي جي ڳوٺاڻن محمد حسن ڪورائي، مصري ڪولهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسان جا ڳوٺ مڪمل پاڻي هيٺ آهن ۽ اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آھن ۽ اسان وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو آھي ۽ اسان کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. هنن چيو ته ڳوٺ ۽ گهرن پاڻي هجڻ سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو آھي جنهن سبب ڳوٺاڻا مختلف بيمارين ۾ وٺجڻ لڳا آھن پر چونڊيل نمائندن مان اسان جي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سار نه لڌي آھي. ھنن چيو ته اسان جا فصل ته ٻڏي ختم ٿي چڪا آھن ۽ هاڻ رهيو ٿورو گهڻو مال مويشين جو سهارو سو به ان مڇرن جي آزار سبب اسان جا ڍور به مري رهيا آھن ۽ انتظاميان طرفان ڪا به واهر نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته اسان بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه، ڊي سي بدين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته خدارا اسانجي مدد ڪئي وڃي اسان جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ۽ مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻا سک جو ساهھ کڻي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button