پاڪستانسنڌ

حڪمرانن سنڌ ۽ سنڌين کي هٿ سان ٻوڙيو آهي:رياض چانڊيو

عثمان شاهھ ھڙي: جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته سنڌ ۾ 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ ھي مھا ٻوڏ ھئي، جنھن ۾ ھزارين خاندان دربدر ۽ بي گھر ٿي ويا، جنھن جو ڏوهھ حڪمران جماعت پيپلز پارٽي تي آھي، جنھن جو سنڌ مان سج لھي چڪو آهي، ھنن وٽ سواءِ ڪوڙن واعدن ۽ دلاسن کان ڪجهه به ناهي، متاثرن کي ڪجھه به نه مليو آھي، سڀ ڪرپشن جي ور چڙهي ويو، جنھن جا ذميوار آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه آھن، جن سنڌ کي ۽ سنڌين کي ھٿ سان ٻوڙي تباهه ڪيو. پريس ڪلب عثمان شاھه ھڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ جيان ٽنڊوالهيار به مڪمل طور برساتن ۾ ٻڏي ويو آهي، مسڪين ماڻھن جا اجھا ڪري پيا ۽ فصل تباهھ ٿي ويا، ھزارين متاثر روڊن رستن تي بي يارو مددگار امداد جي اوسيئڙي ۾ ٻارن سان گڏ دربدر آهن، جن کي پ پ ھن وقت تائين ڪنهن به قسم جي ڪابه امداد ناهي ڏني. مقامي بااثر ماڻهو پنھنجون آباديون ۽ فصل بچائي ڳوٺ ٻوڙي رهيا آهن. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمين نواز شاهھ ڀاڏائي، حيدرآباد ڊويزن جو اڳواڻ باغي ڪالرو ۽ ٻيا گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button