پاڪستان

24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 75 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پيل تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ وڌي 1136 ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو گڏيل انگ 3 ڪروڙ 30 لک کان ٽپي ويو آهي. اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهاڪاريون جاري آهن، هينئر تائين 10 لک 51 هزار گهر ڊهي پٽ جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 75 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 57 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران فوت ٿيندڙن ۾ 27 ٻار، 31 مرد ۽ 17 عورتون شامل آهن، ٻوڏ سبب حياتيون وڃائيندڙ ٻارن جو انگ 386 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 227 عورتون ۽ 501 مرد شامل آهن. چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ ٽي ڪروڙ ٽيهه لک 46 هزار ماڻهو متاثر ٿيا، برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي، جتي 23 ضلعن ۾ 1 ڪروڙ 45 لک ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته بلوچستان ۾ جي 31 ضلعن ۾ 91 لک 82 هزار، پنجاب جي ٽن ضلعن ۾ 48 لک 44 هزار، خيبرپختونخوا جي نوَ ضلعن ۾ 43 لک 50 هزار جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ جي 6 ضلعن ۾ 51 هزار پنج سئو ۽ آزاد ڪشمير ۾ 53 هزار ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا. رپورٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 58 هزار گهرن کي نقصان رسيو، 8231 ڍور ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لڙهي ويا، جنهن بعد متاثر گهرن جو انگ 10 لک 51 هزار تائين پهچي ويو آهي. صوبائي سطح تي انگن اکرن پٽاندڙ سنڌ ۾ اٺ لک 84 هزار گهر جڏهن ته پنجاب ۾ 58 هزار مڪمل ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ٻوڏ جي نتيجي ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ تباهه ٿي ويو. اين ڊي ايم اي موجب ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڦاٿل چار لک اٺانوي هزار چار سئو 42 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، ٻوڏ وهڪرن جي نتيجي ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 7586 ڍور لڙهي ويا جنهن بعد موت جو کاڄ بڻجندڙ چوپائي مال جو گڏيل انگ 7 لک 27 هزار 144 ٿي ويو آهي جڏهن ته 1 ڏينهن ۾ وڌيڪ 43013 گهر تباهه ٿيا جنهن بعد تباهه ٿيل گهرن جو انگ 10 لک 51 هزار کان ٽپي ويو آهي. واضح رهي ته نقصان جو ڪاٿو شروعاتي اندازي موجب لڳايو ويو آهي جنهن ۾ واڌ پڻ ٿي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button