پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ برسات متاثر عورتن جو واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ٽنڊوالهيار: بڪيراشريف ۾ ضلعي انتظاميا طرفان برسات متاثرن لا لڳايل ڪئمپ ۾ کاڌ خوراڪ سميت ٻيون سهولتون نه ڏيڻ خلاف برسات متاثر عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارن ڊي سي آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار مظاهرا ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته برسات سبب اسان جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، اسان بي گهر ٿي ضلعي انتظاميا طرفان قائم ڪيل ڪئمپن ۾ ويٺا آهيون، پر انتظاميا کاڌ خوراڪ، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون نٿي ڏي. اسان ڪئمپن ۾ ننڍڙن ٻارڙن سان گڏ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار به وڌي ويو آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته کاڌ خوراڪ ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button