پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي ۾ ايم پي اي طارق ٽالپر جا رليف ڪئمپن جا دورا

ڊگھڙي: ڊگھڙي تعلقي ۾ ڳوٺ لال محمد رمداڻ، غلام محمد آرائين، رحمت الله آرائين، ھاشم چانگ ۽ محمد علي قائمخاني سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گهيري هيٺ آهن. هوڏانهن پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر مختلف رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر متاثرن کان انتظاميا طرفان ملندڙ سهولتن بابت تفصيل ورتا ۽ متاثرن کي کاڌي لا ملندڙ چانور کائي چيڪ ڪيا. ان موقعي تي هن اي سي کي هدايت ڪئي ته بي گهر ٿيل برسات متاثرن کي کاڌي پيتي سان گڏ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته ڪئمپن ۾ ترسيل سوين ماڻھو مجبور ٿي پنهنجا اباڻا اجها ڇڏي هتي پهتا آهن، رڳو منهنجي تڪ نه پر سڄي سنڌ جي برسات متاثرن جو مون کي احساس آهي، سندن بحالي تائين آئون سک جو ساھه نه کڻندس، منهنجي ڪوشش آهي ته سڀ کان اول پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن واپس سنڌ جون واهڻ ۽ وستيون آباد ٿي سگهن ۽ آبادگار ايندڙ سيزن لا فصل پوکڻ جي تياري ڪري سگهن. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي ڊگهڙي جو اڳوڻو چيئرمين مير ذوالفقار علي ٽالپر موجود هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button