پاڪستان

آ ايم ايف پاڪستان لا هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان لا هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالرن جو قرض جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل آ ايم ايف پروگرام بحال ٿيڻ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن. وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته الحمدلله، عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اهم اجلاس ۾ پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر قرض/ توسيعي فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن بعد اسان کي هاڻي ستين ۽ اٺين قسط جي مد ۾ هڪ ڏهائي 17 ارب ڊالر قرض جي رقم هلندڙ هفتي ئي منتقل ڪئي ويندي، آئون وزيراعظم شهباز شريف کي تمام سخت فيصلا وٺڻ تي مبارڪون پيش ڪريان ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ڏيوالپڻي کان بچي ويو آهي. هوڏانهن وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت ماڻهن جي سهولت لا ڀارت مان ڀاڄيون ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون شيون گهرائڻ تي غور ڪري سگهي ٿي ڇو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ فصل تباهه ٿي ويا آهن پر ڀارت سان واپار بابت اهو منهنجو ذاتي خيال آهي. مفتاح اسماعيل چيو ته ٻوڏ سبب 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، رڳو رليف لاءِ هڪ ارب ڊالر گهربل آهي، سبزين جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڻي واري سيڪريٽري ۽ ڪامرس کي تجويزون ڏيڻ لاءِ چيو آهي، منهنجو ذاتي خيال آهي ته غير معمولي حالتون آهن، جيڪڏهن ڀارت مان ڀاڄيون درآمد ڪرڻيون پيون ته ڪنداسين. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف آ ايم ايف پروگرام جي بحالي کي ملڪ جي معيشت لا هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي طور ڏيوالو نڪرڻ جو خطرو ختم ٿي ويو، الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته اسان جو ملڪ معاشي امتحان مان سرخرو ٿي نڪتو آهي، اميد ڪريان ٿو ته آ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي ۽ پاڪستان کي ٻيهر ڪڏهن ان جي ضرورت نه پوي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button