پاڪستانسنڌ

سانگهڙ لڳ سم نالي جو کنڊ بند نه ٿيو، وڌيڪ 15 فوٽ گهارو

سانگھڙ: سانگهڙ ويجهو سانگهڙ-نوابشاهه روڊ وٽ 11 پلي ويجهو سم نالي کي لڳل گهارو 40 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگهيو آهي، سانگهڙ شهر توڙي آسپاس جي ٻين ڳوٺن کي بچائڻ لا لڳل گهاري واري هنڌ کان پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لا نوابشاهه روڊ وٽان 4 کان 5 ڪلوميٽرن واري مفاصلي کي چوڌاري ڏنل بند واري پاڻي ۾ به هن وقت تائين لاٿ نه اچي سگهي آهي. انتظاميا طرفان بند ۾ مٽي ڀرائي ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڻي روڊ تي نه چڙهي سگهي. جڏهن ته انتظاميا طرفان 11 پلي کان ڳوٺ چوڌري سلطان احمد تائين نوابشاهه روڊ کي عام ٽرئفڪ لا بند ڪيو ويو آهي، رڳو آسپاس جي رهواسين کي ڇڏيو پيو وڃي، وڏين گاڏين جي اچ وڃ بند آهي. جڏهن ته وڏين گاڏين کي سنجهوري روڊ کان متبادل رستو ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف پ پ ايم اين اي نويد ڏيرو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حاجي خدابخش راڄڙ گڏجي مٺڙائو ڪئنال تي لڳل 3 لفٽ مشينن جو دورو ڪيو ۽ جائزو ورتو. ان دوران اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته مٺڙائو ۾ اڃا وڌيڪ لفٽ مشينن جي ضرورت آهي ته جيئن سم نالي جو پاڻي جلد ڪئنال ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي، اسان کي گڏجي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻو آهي. ايم اين اي نويد ڏيرو چيو ته سم نالي ۾ مٿان کان پاڻي وڌيڪ اچڻ سبب گهارا پيا آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته سم نالي واري پاڻي ۾ لاٿ آڻيون ته جيئن جلد ڳوٺ وري ٻيهر آباد ٿي سگهن. هوڏانهن گذريل رات دير سان سانگهڙ ويجهو جمڙائو روڊ تي دبئي سٽي لڳ سم نالي کي 15 فوٽ گهارو پئجي ويو، جنهن سبب 9 ۽ 10 چڪ سميت ٻين ڳوٺن ۽ زمينن کي پاڻي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. آبپاشي عملي گهاري کي بند ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button