پاڪستان

ڪنهن جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غيرقانوني آهي:شيرين مزاري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري چيو آهي ته ڪنهن جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ غير قانوني عمل آهي، شوڪت ترين جي آڊيو ليڪ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شيرين مزاري چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ته ڪجهه به غير قانوني آهي نه ئي غلط، اسان ته انهن شرطن جي مخالفت ڪئي آهي جن تي امپورٽيڊ سرڪار آ ايم ايف کان قرض وٺي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان ۾ جيڪا حرڪت غيرقانوني آهي اها عدالتي حڪم کان سواءِ ڳالهه ٻولهه کي ڳجهي طور تي رڪارڊ ڪرڻ آهي. جيڪو هڪ ڪڌو عمل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button