پاڪستان

آڊيو ليڪ ڪرڻ نامناسب ڳالهه، ديوار سان لڳايو پيو وڃي: شوڪت ترين

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف معاهدي بابت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ناڻي واري وزيرن سان پنهنجي ليڪ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته گهر ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ٽيپ ڪري ۽ وري ان جي ذريعي اسان کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪرڻ مناسب ڳالهه ناهي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سڀ کان پهرين ته هن آڊيو ٽيپ جي مذمت ڪريان ٿو، گهر ويٺي ڪيل ڳالهه ٻولهه کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ پوءِ ان کي استعمال ڪري اسان تي دٻا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان اهي خط ملڪ جي مفاد ۾ لکيا آهن. اسان کي انهن تائين اهو پيغام پهچائڻو هو ته جيڪو معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهن، ان لا هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ پئسا ڪٿان ايندا. هن وڌيڪ چيو ته مون پنجاب جي ناڻي واري وزير سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڪجهه به غلط ناهي چيو، ان کي ڦيرائي گهيرائي پيش ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button