پاڪستان

بغاوت ڪيس ۾ نئون موڙ، شهباز گل معافي وٺڻ لا تيار

بغاوت جي ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف اڳواڻ شهباز گل پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ لا تيار ٿي ويو. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ ضمانت واري درخواست تي شنوائي دوران عدالت ۾ شهباز گل جي بيان ۽ اينڪر جي سوال واري وڊيو هلائي وئي. ڪيس جي شنوائي بعد وڌيڪ 5 جوابدارن جو بيان قلمبند ڪيو ويو. جوابدارن جي وڪيل برهان معظم شهباز گل جو بيان ظاهر نه ڪرڻ تي اعتراض واريندي عدالت کي ٻڌايو ته پوليس جوابدار جو بيان ظاهر نه ڪري رهي آهي، باقي سمورا بيان ڏيکاريا ويا، پوليس قلم 161 جو بيان ظاهر ناهي ڪيو، تنهن ڪري عدالت 161 جو بيان ظاهر ڪري. جنهن تي عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار جو پهريون بيان ظاهر ڪيو وڃي. جوابدار جي وڪيل چيو ته شهباز گل ڪڏهن به بغاوت جو نه سوچيو هو، ٽرانسڪرپٽ جون مختلف هنڌن تان پوائنٽون چونڊي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان بيان ۾ ڪٿي ڪٿي غلط فهمي آهي، شهباز گل اها غلط فهمي دور ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ لا به تيار آهي پر مختلف نقطن کي اٿارڻ ۽ انهن تي بغاوت جو الزام هڻڻ اهو حق ڪيئن آهي؟ عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button