پاڪستان

مريم نواز تونسا شريف پهچي وئي،ٻوڏ متاثر خاندانن سان ملاقات

پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز تونسا شريف جي ٻوڏ متاثر علائقي ناڙيءَ جو دؤرو ڪيو، جتي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقات دوران انهن جون شڪايتون ٻُڌيون ۽ ساڻن يڪجهتيءَ جو اظهار پڻ ڪيو. مريم نواز مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن جو دؤرو ڪيو. مريم تونسا جي علائقي ٽبي قيصراڻي ۾ ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته تونسا ٻوڏ سبب مصيبت هيٺ آهي، نواز شريف جي هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن جو دؤرو ڪري رهي آهيان، قيمتي حياتين جي نقصان تي ڏُک ۽ افسوس ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي وقت سياست جو نه پر عوام جي ڏُک ۾ شامل ٿيڻ جو آهي. سرنديءَ وارن کي درخواست آهي ته اهي ٻوڏ متاثرن جي امداد ڪن، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button