پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ خلاف ريلي

ٽنڊو محمد خان: عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان پاران برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ، اقليتي برادري جي ماڻهن کي حڪومتي امداد ۾ نظرانداز ڪرڻ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي عوامي تحريڪ اگواڻن ھريچند، علي شير پڙھياڙ، پارومل، سلطان، ھاشم لغاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڳوٺ ڏامرو ڪولھي، ڳوٺ نانگجي ڪولھي، ڳوٺ ويرجي ڪولهي سميت وڏي انگ ۾ ٽنڊو محمد خان جي مختلف علائقن جا ماڻهو برساتن سبب آيل تباهيءَ جي ڪري بي گھر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن جي واهر ڪرڻ لا ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن. ٽنڊو محمد خان انتظاميه پاران نظرانداز ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي. ھنن اپيل ڪئي ته برسات متاثرن جي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button