پاڪستانسنڌ

پراڻ ڍوري جو گهارو 5 سئو فوٽ ٿي ويو، 150 فوٽ ٻيو گهارو، 30 ڳوٺ پاڻي ھيٺ

ٽنڊوباگو/بدين: ملڪاڻي لڳ پراڻ ڍوري لڳل گھارو وڌي 500 فٽ ٿي ويو، ٻيو گھارو پڻ 150 فوٽ جو پئجي ويو، 30 ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، علائقي مان لڏپلاڻ جاري، ھٿرادو ڪٽ جا پڻ افواھه، خبر موجب تعلقي ٽنڊي باگي جي شھر ملڪاڻي لڳ ڳوٺ وزير سرڪي وٽان پراڻ ڍوري کي ٻه ڏينهن اڳ لڳل 300 فوٽ گھارو بند نه ڪرڻ ڪري وڌي 500 فوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ لڳ اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي وٽان پراڻ ڍوري کي گذريل ڏينهن ھڪ ٻيو 150 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب يوسي ملڪاڻي، سمن سرڪار جا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ڳوٺ موسو ملاح، وزير سيرڪاڻي، دودو خان سيرڪاڻي، وزير لغاري، امير بخش ڪلوئي، ٻٻر ڪلوئي، جيئو لٻاڙي، شير محمد ڪلوئي انگريز دور جو تاريخي شھر محراب جو شھر پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن ۽ ھزارين ايڪڙن تي چونڊائي لا تيار بيٺل ڦٽي، مرچن ۽ مڪئي جا فصل ٻڏي ويا آهن. سوين ايڪڙن تي بيٺل آبادگارن جا انبن جا باغ پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. گھاري جو پاڻي تيزي سان ملڪاڻي، سمن سرڪار ۽ پنگريو ڏانهن وڌي رھيو آھي. انتظاميا پاران پنگريو شھر ۽ ملڪاڻي کي بچائڻ لا جرڪس شاخ جي بندن کي لوپ بند طور استعمال ڪرڻ لا مشينون گھرائي مٽي جي ڀرائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. يونين ڪائونسلن ملڪاڻي ۽ سمن سرڪار جا ھڪ سئو ڳوٺن مان ماڻهن لڏپلاڻ ڪري پنھنجا مال گھرن جو سامان کڻي محفوظ ھنڌن تي وڃي ويٺا آهن.

متاثرن چيو ته گذريل ڏينهن کان وٺي سرڪار اسان کي نه کاڌو ڏنو آهي ۽ نه ٽينٽ. ٻئي طرف مقامي ماڻهن پاران الزام ھنيو پيو وڃي ته پراڻ ڍوري کي ھٿرادو ڪٽ ھنيو ويو آهي. ٽنڊوباگو جي ايم پي اي ۽ جي ڊي اي اڳواڻ گھاري واري ھنڌ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته گھاري جي ڪري تعلقي ٽنڊي باگي جي ڏيڍ لک آبادي متاثر ٿيندي، صرف ٻن ضلعن کي بچائڻ لا گھارو ھنيو ويو آهي. مقامي ماڻهن وٽ ھٿرادي ڪٽ ھڻڻ جا ثبوت موجود آهن. اسين ھن علائقي جي ماڻهن کي بچائڻ لا ڪوشش ڪري رھيا آھيون. هوڏانهن آبپاشي واري کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪالهه بدين پھچي پراڻ ڍوري ۾ پيل گھاري واري جڳهه جو معائٔنو ڪيو ۽ ڍوري جي بحالي جي لا ڪيل ھنگامي سرگرمين جو جائٔزو پڻ ورتو. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو کي آبپاشي کاتي جي واسطيدار عملدارن پراڻ ڍوري ۾ گھاري ۽ بحالي واري ڪمن بابت بريفنگ ڏني. صوبائي وزير ڄام خان شوري لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اھي پراڻ ڍوري وٽ بحالي واري سرگرمين کي تيز ڪن ۽ پراڻ ڍوري ۾ پيل گھاري تي جلد کان جلد بند ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button