پاڪستانسنڌ

آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي ڪراچي ۾ بک هڙتال، ٽنڊو محمد خان ۾ مظاهرو

ڪراچي/ٽنڊو محمد خان: آئي بي اي سکر ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن ڪالهه ڪراچي ۾ بک هڙتال جاري رکي، جڏهن ته ٽنڊومحمد خان ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ آئي بي اي سکر ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪالهه 10 هين ڏينھن به بک هڙتال جاري رکي وئي. ان موقعي تي اميدوارن ديدار لغاري، سجاد لغاري، انيس ڪياني، مزمل سڪندر عباسي، راشد علي دايو، محمد شفيق ميمڻ، ثمرين، نور حسين کوسو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اسان پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ آھيون ۽ سنڌ حڪومت پاران ھارڊ ايريا وارن علائقن کي 33 کان 39 مارڪن تي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ھو.

جڏھن ته اسان جو علائقو به ھارڊ ايريا ۾ اچي ٿو پر افسوس جو سنڌ حڪومت صرف پنھنجي من پسند ماڻھن جي علائقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي رھي آھي، جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي. ھنن چيو ته ھڪ سنڌ ۾ ھڪ پاليسي ھجڻ گھرجي پر سنڌ حڪومت ايم ڪيو ايم جي واٽ تي ھلندي ٻٽو نظام قائم ڪري سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ جي سازش ڪري رهي آهي. جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته پوري سنڌ جي علائقن کي ھارڊ ايريا قرار ڏئي، 33 مارڪن تي پاس ڪري، آفر ليٽر ڏنا وڃن. ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪئي ويندي. هوڏانهن آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي آئي بي ٽيسٽ پاس ايڪشن ڪاميٽي اگواڻن رياض علي، نديم ميتلو، غني خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button