نيوسعيدآباد: نيوسعيدآباد ۾ گيسٽرو وگهي برسات متاثر خاندان جو ٻن ورهين جو معصوم ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته فوت ٿيلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو. ھڪ ھفتي ۾ 600 کان مٿي گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن کي اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو. خبر موجب نيوسعيدآباد تعلقي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي وبا تيزي سان پکڙجي رھي آھي، ڪالهه نيوسعيدآباد مھراڻ ھائي وي تي روڊ ڪناري ويٺل مري برادري جي ٻوڏ متاثر محمد شريف مري جو ٻن ورهين جو معصوم پٽ سورھيه مري گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو. جنھن بعد گيسٽرو وگھي فوت ٿيلن جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آھي. جڏھن ته ھڪ ھفتي ۾ 600 کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض تعلقا اسپتال نيوسعيدآباد ۽ مختلف اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن. جڏھن ته 400 کان وڏيڪ مريضن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close