ٽنڊو محمد خان: جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي سنڌ سرڪار سهائتا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽنڊو محمد خان ۾ برسات متاثر علائقن جو دورو ڪري برسات جي متاثرن ۾ امدادي سامان تقسيم ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جا لکين ماڻهو برساتن جي تباھڪارين ۾ پنهنجي گهر گهاٽ ڊهڻ سان روڊن رستن تي اچي ويا آهن، ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ برسات سبب ٻڏل آهي، متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ عالمي ادارن کي انسانيت جي ناتي سهائتا ڪرڻ گهرجي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سنڌ جي لکين بي گهر ٿيل متاثرن جا اهنج گهٽائڻ بدران کين امداد جي نالي ۾ سندن تذليل ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي سنڌ آهي، جتي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پناھه ڏني ٿي وڃي پر سنڌ ڌرتي جا اصل وارث بي يارو مددگار بڻيل آهن، جنهن جي حڪومت مدد نٿي ڪري، سنڌي ماڻهو مهمان نواز آهن، قبضي خور ناهن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ٽنڊو محمد خان جي برسات متاثر علائقن جو ڪارڪنن سان قافلي جي صورت ۾ دورو ڪيو ۽ امدادي سامان تقسيم ڪيو. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ سرور خشڪ، ديدار شام، اشرف ڪلهوڙو، آڪاش ملاح، ضلعي اڳواڻ ظهور هاليپوٽو، جاويد هاليپوٽو، ذوهيب جمالي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.