ڪڍڻ: ڪڍڻ ها اسڪول ۾ ٻوڏ متاثرن لا آيل 25 هزارن لا قائم ڪيل سينٽر عوام کي ڪوبه لاڀ نه ڏيئي سگهيو، ڊوائيس ايجنٽ مافيا مختلف طريقن سان عوام کي رلائڻ ۾ رڌل، خبر موجب ٻوڏ متاثر عورتن لا آيل 25 هزارن واري رقم عوام کي دربدر ڪري ڇڏيو. گورنمنٽ بوائز ها اسڪول ڪڍڻ ۾ قائم ڪيل سينٽر تي ڊوائيس مافيا گذريل چئن ڏينھن کان ٻوڏ متاثرن کي پريشان ڪرڻ لڳا، سينٽر تي 10 ڊوائيس موجود ھئڻ باوجود سموري ڏينھن ۾ نالي ماتر عورتن کي رقم ملڻ لڳي، اڪثر ڊوائيس ايجنٽ رقم نه ھئڻ جو بھانو ڄاڻائي بدين جا چڪر ڪاٽرائڻ لڳا.
سينٽر تي موجود عورتن صحافين آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ڊوائيس وارا انھن عورتن کي پيسه ڏين ٿا جن کان انھن کي مختلف طريقن سان ٻه ھزار ملن ٿا، هنن وڌيڪ چيو اڪثر ڊوائيس ايجنٽ ٻاھران کيسن ۾ عورتن جا ڪارڊ کڻي اچن ٿا ۽ انھن کي سڏ ڪري پيسا ڏين ٿا، اسان مان پيسن جو آسرو نه ھئڻ ڪري چئن ڏينھن کان رولائي رھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي ڊوائيس وارن جي ڪن مهٽ ڪئي وڃي.