حيدرآباد: هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي اڳواڻن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي پروفيسر امداد چانڊيو، مسرت حسين، تاج جويو ۽ ٻين چيو ته پاڪستان ۾ جبري گمشدگين جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، اهڙو عمل سنڌ جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي. هنن چيو ته آئين ۽ قانون موجب کنڀي گم ڪيل ماڻهو کي 24 ڪلاڪن اندر ظاهر ڪرڻو آهي، پر هتي جبري گم ٿيل ماڻهن کي سال گذري ويا آهن ته انهن کي اڃا تائين آزاد ناهي ڪيو ويو، جيڪو هڪ ڏوهه آهي.
هنن چيو ته جنهن تي ڪو به الزام آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جڏهن ته سنڌ مان جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. هنن چيو ته برسات دوران سڄي پاڪستان سميت خاص طور تي سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي، جتي ماروئڙن جا اجها ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ماڻهو بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن پر حڪومتي ڌر پاران ڪو به نمائندو ماڻهن جي مدد ڪندي ناهي ڏٺو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪري سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.