اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد

اسلام آباد :اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج ظفر اقبال محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ۽ عمران خان جي چيف آف اسٽاف جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ شهباز گل جي ضمانت واري درخواست تي شنوائي ۾ سندس وڪيل موقف اختيار ڪيو هو ته 8 آگسٽ تي غلام مرتضيٰ چانڊيو جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو. جوابدار تي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ورهائڻ جو الزام هنيو ويو. فريادي سٽي مئجسٽريٽ شهباز تي بغاوت جو الزام هنيو آهي. جڏهن ته ڪيس کانپوءِ بيان ۾ وڌيڪ 5 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو. جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته شهباز گل بغاوت بابت ڪڏهن سوچيو ئي ناهي. ٽرانسڪرپٽ جي مختلف هنڌن کان پوائنٽس کڻي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سموري بيان تي ڪنهن هنڌ غلط فهمي ٿي آهي. شهباز گل ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هو معافي وٺڻ لاءِ به تيار آهي پر هي حق ڪئين مليو جو مختلف پوائنٽون کڻي بغاوت جو الزام لڳايو وڃي. پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي 9 آگسٽ تي گرفتار ڪيو ويو هو. هن تي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جو الزام لڳايو ويو آهي ۽ هن خلاف ٿاڻي ڪوهسار پوليس سٽي مئجسٽريٽ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button