پاڪستان

گڏيل قومن پاڪستان لاءِ 16 ڪروڙ ڊالرن جي هنگامي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گڏيل قومن هنگامي امداد جي اپيل ڪري ڇڏي. پرڏيهي وزارت جي آفيس ۾ ٿيل تقريب ۾ نشر ڪيل بيان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستاني عوام غير معمولي حالتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هزارين ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، لکين بي گهر آهن. هن چيو ته پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪ ڏکيائين ۾ آهي، گڏيل قومن پاڪستان لاءِ 16 ڪروڙ ڊالرن جي امداد جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان کي امداد جي ضرورت آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ سان ملڪ جو هر صوبو سخت متاثر ٿيو آهي. انتونيو گوتريس چيو ته اسان کي هن وقت گڏجي فوري طور تي ان بحران ۾ جوابي قدم کڻڻ گهرجن، ڏکيائين جي هن گهڙي ۾ اسان سڀني کي اڳتي وڌي پاڪستان سان گڏ بيهڻ گهرجي، اڄ پاڪستان تباهي جو شڪار ٿيو آهي، سڀاڻي توهان جو ملڪ به ان جو نشانو بڻجي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button