پاڪستانسنڌ

بينظير انڪم پروگرام ۾ عورتن کان رقم ڦٻائندڙ 140 جوابدار گرفتار

ڪراچي : سنڌ جي 22 ضلعن ۽ 111 تعلقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثر علائقن جي عورتن لاءِ خاص گرانٽس ورهائڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي. ان حوالي سان آئي جي پي سنڌ هدايت ڪئي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ قائم بي آئي ايس پي مرڪزن تي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن امدادي رقم وٺڻ لاءِ ايندڙ مستحق عورتن کي ايجنٽ مافيا کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته هن مقصد لاءِ ليڊي پوليس اهلڪارن کي خاص ذميواريون ڏنيون وڃن. زلزلن ۾ ليڊي پوليس اهلڪار افرادي قوت ۾ گهٽ آهن، انهن ضلعن ۾ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مقرر ڪيو وڃي. ان پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ته امدادي رقم وٺڻ ۾ مستحق عورتن کان ڪميشن وٺندڙن يا دوکي سان رقم ڦٻائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين گرفتار ڪري سندن خلاف ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي. آئي جي سنڌ جي واضح حڪمن تي عمل ڪندي پوليس متاثر علائقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت امدادي رقم حاصل ڪندڙ عورتن کان رقم ڦٻائڻ ۽ ڪمشن اوڳاڙي ۾ ملوث 202 نامزد جوابدارن مان 140 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري باقاعدي 93 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. تفصيل مطابق حيدرآباد پوليس 22 ايف آئي آرز تحت نامزد 64 مان 29 جوابدار، ميرپورخاص پوليس 19 ايف آئي آرز تحت نامزد 33 جوابدارن، شهيد بينظير آباد پوليس 19 ڪيسن ۾ گهربل 30 مان 24 جوابدار، سکر پوليس 24 ڪيسن تحت 54 گهربل جوابدرن مان 40 جوابدار، جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس 9 ايف آئي آرز تحت 21 گهربل جوابدارن مان 14 جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button