پاڪستانسنڌ

برساتن جي اڳڪٿي ٿي،پر ايترا وسيلا نه هئا جو تياري ڪري سگهون:وڏو وزير

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي شدت تمام گهڻي آهي، صوبي ۾ ٽيهه لک گهر تباهه ٿي ويا آهن، ڪيئي هنڌن تي پڪا گهر به رهڻ جوڳا ناهن رهيا. ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي شدت تمام گهڻي آهي. ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي ستاويهه ضلعن جي صورتحال پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهيان. سندس چوڻ هو ته تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 470 ڄڻا اجل جو شڪار 8 هزار 314 زخمي ٿيا. هن چيو ته ڏهه مئي ته موسميات کاتي معمول کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي، ايترا وسيلا نه هئا جو تياري ڪري سگهون. وڏي وزير چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاثرن کي امدادي رقم ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته 2010ع جي ٻوڏ بعد سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي، ٻوڏ دوران ماڻهن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جيڪا جائز آهي. ڪيئي هنڌن تي ماڻهن منهنجي گاڏي روڪي. وڏي وزير چيو ته ڪٽ هڻڻ وارو فيصلو آبپاشي کاتو ڪندو، آبپاشي جي فيصلي جي منظوري کاتي جو وزير ڏيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button