عثمان شاھه ھڙي: يوسي جھنڊو مري جي ڳوٺ قاسم بلوچ ڀرسان اقليتي ڀيل برادري جو ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ مڪمل طور ٻڏي ويو، ڳوٺاڻا پنھنجون جانيون بچائي ٻاھر نڪتا، باقي سڀ ڪجھه برسات جي نظر ٿي ويو. ھنن چيو ته تازو چوماسي برسات دوران سندن علائقي ۾ برسات دوران سڀ کان وڌيڪ اقليتي ماڻھو متاثر ٿيا آهن، ڳوٺ پڻ متاثر آھي، پر اسان جي ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. هوڏانهن ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف ڳوٺ ڀرسان ٽنڊوآدم روڊ تي عورتن، مردن ۽ ٻارن رانجهو ڀيل، مور ڀيل ۽ لالو ڀيل احتجاجي مظاهرو ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان وٽ کاڌي پيتي جي لاءِ ڪجهه به نه آھي، سندن مال مري رهيو آهي، رات جي وقت علائقي ۾ بيٺل پاڻي سبب مڇرن ۽ زهريلي جيتن سبب ھو پريشان آهن، راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون. ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته اسان تي ره۾ ڪري ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مدد ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close