سامارو: سامارو تعلقي جي يوسي آراڙو ڀرڳڙي جي ديھه بکوري جي ڳوٺ رمضان شر جي رھواسي ڳوٺاڻن حاجي خان شر، شاھد شر، ممتاز شر ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي متاثر ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته تعلقي ۾ برسات جي تباهڪارين کي ڪيترائي ڏينھن گذري ويا آھن، اسان جو ڳوٺ رمضان شر مڪمل طور برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي، جنهن سبب دربدر ٿي روڊن تي ويٺل آهيون، انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا مدد نٿا ڪن. تعلقي ۽ ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نٿي ڪرائي، اسان کي خيما، راشن، مڇردانيون ۽ ٻيو سامان به نٿو ڏنو وڃي، ٻار ۽ عورتون بکن تي آهن، برساتي پاڻي سبب بيماريون وڌي ويون آهن. هنن گهر ڪئي ته جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close