تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز ليگ اڄ منهنجي خلاف ايڪشن کڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، سندن پنهنجي دور ۾ سپريم ڪورٽ تي ڏنڊن سان حملو ٿيو هو، تنهن ڪري هاڻي ن ليگ کي شرم اچڻ گهرجي ۽ توهين عدالت جي حوالي سان هي ڪجهه نه ڳالهائن ته بهتر آهي، مون سدائين عدليا کي مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گجرات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ڊي ايم پنهنجي پرڏيهي آقائن کي جيترو به خوش ڪري وٺي پر هي مئچ نٿا کٽي سگهن، هاڻي مئچ جو اهو مرحلو اچي ويو آهي جتي پي ڊي ايم ڇا به ڪري کٽي نٿي سگهي. عمران خان چيو ته شهباز گل تي تشدد ڪيو ويو ۽ هاڻي حليم عادل شيخ سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ائين ئي رهيو ته پو اسان جي انصاف واري تحريڪ اسلام آباد جو رخ ڪندي. حڪومت شوڪت ترين تي توهين آءِ ايم ايف لڳائڻ چاهي ٿي، شوڪت ترين رڳو ايترو چيو ته ٻوڏ سبب اسان پئسا گڏ نٿا ڪري سگهون. پي ٽي آ سربراهه چيو ته آئون ايبسولوٽلي ناٽ چوندو هئس ان ڪري قابل قبول نه هئس، جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته اسان ڇو نه، آمريڪا کي راضي ڪرڻ لاءِ روس کان تيل خريد نه ڪيو ويو. هن چيو ته قوم کي حقيقي آزادي لاءِ سجاڳ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيان، جڏهن قومن ۾ شعور ايندو آهي ته انقلاب ايندو آهي، نوجوان پنهنجي سوچ کي وسيع ڪن، وقت ايندو ۽ دنيا چوندي ته هو ڏسو پاڪستاني اچي رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close