عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان ۾ ايندڙ سال به مهانگائي جي شرح برقرار رهڻ ۽ ردعمل طور سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن توڙي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. آ ايم ايف طرفان پاڪستان جي معيشت ۽ قرض لا ستين ۽ اٺين جائزي بابت ڪنٽري رپورٽ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ سال به کاڌ خوراڪ ۽ ٻارڻ جا اگهه وڌندا رهندا ۽ مهانگائي جي ساڳي شرح برقرار رهندي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ مظاهرا به ٿي سگهن ٿا. رپورٽ ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي اگهن ۾ عالمي سطح تي واڌ کي مهانگائي ۾ اضافي جو اهم ڪارڻ قرار ڏيندي چيو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 20 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت طرفان واعدن ۽ هدفن تي عمل نه ٿيڻ جي نشاندهي پڻ ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۽ بنيادي بجيٽ خساري سميت پنج هدف پورا نه ڪيا، ٽي ڪارڪردگي ۽ 7 اسٽرڪچرل شرط پڻ پورا نه ڪيا ويا آهن. رپورٽ مطابق هلندڙ سال پاڪستان جي معاشي گروٿ ريٽ ساڍا ٽي سيڪڙو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 4. 4 سيڪڙو تائين رهڻ جي اميد آهي، ان کانسواءِ جاري کاتن جو خسارو اڍائي سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿو، ناڻي واڌ ۽ عالمي اقتصادي ماحول سبب پاڪستاني معيشت تي بار پوندو، توانائي جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي واڌ ۽ رپئي جي ملهه ۾ لاٿ سبب ناڻي جي واڌ جاري رهڻ جو امڪان آهي، ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جي نتيجي ۾ مالياتي ۽ قرض جي جٽاداري کي سخت پاليسي جاري رکڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو متوقع آهي. گذريل مالي سال ۾ پاڪستان جي مٽاسٽا جي ناڻن جا ذخيرا 9 ڏهائي 82 ارب ڊالر ۽ هلندڙ مالي سال ۾ 16 ڏهائي 22 ارب ڊالر رهڻ جي اميد آهي. آءِ ايم ايف مارڪيٽ بنياد تي ايڪسچينج ريٽ برقرار رکڻ تي زور ڀريندي سماجي تحفظ ۽ توانائي جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ٽيڪس روينيو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ تي پڻ زور ڀريو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته قرض پروگرام جي مدي ۾ جون 2023ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، ان سان ضروري پرڏيهي فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته سماجي تحفظ ۽ توانائيءَ جي شعبي کي مضبوط بڻائڻو پوندو، ان سلسلي ۾ شهباز شريف جي اتحادي حڪومت مالياتي شعبي جي استحڪام لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close