پاڪستان

امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي نو ڪمپرومائيز، ڀلي حڪومت هلي وڃي:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پريشانين کي منهن ڏيندڙ ماڻهن لا وفاقي حڪومت طرفان 3 ارب رپين جي امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي في خاندان 10 لک رپيا ڏنا ويندا، متاثرن کي امداد جي شفاف ورڇ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين ڀلي ان لا حڪومت جي قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي. اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف گلگت بتلستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران غذر جي بوبر ڳوٺ جي بحالي لاءِ 10 ڪروڙ رپين سميت 5 ڪلوميٽر رستي جي تعمير لاءِ گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن جو خرچ وفاق ڀريندو. شهباز شريف چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي بحالي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪنداسين، متاثرن تائين امداد جي شفاف نموني ورڇ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڀلي ان لاءِ حڪومت جي قرباني ڇو نه ڏيڻي پوي، اسان مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن وٽ حاضر ٿيا آهيون ۽ فوتين جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، توهان جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ جو اسان کي دلي افسوس آهي، ٻوڏ ريلي غذر ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي. هن چيو ته برساتن، درياهن ۾ چاڙهه ۽ ٻوڏ سبب سڄي پاڪستان ۾ جيڪا تباهي آئي آهي ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هر پاسي تباهي متل آهي، خيبر پختونخوا ۾ سوات ماٿري تباهه ٿي وئي، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۾ تباهي ٿي آهي، گلگت بلتستان ۾ به انتهائي افسوسناڪ ۽ ڏک ڀريل ڪهاڻي آهي، هتي هڪ هزار کان وڌيڪ فوتگيون ۽ هزارين ماڻهو زخمي ٿيا آهن، لکين گهر تباهه ٿيا، لکين چوپايو مال وهي ويو، هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا. هن چيو ته معاشي طور تي پاڪستان اڳ ۾ ئي مشڪل صورتحال ۾ هو، هاڻي ٻوڏ ۽ برساتن جي صورت ۾ هڪ ٻيو امتحان اچي ويو آهي پر الله جي ڪرم ۽ مهرباني سان ان جو مقابلو ڪنداسين، آئون اتحادي پارٽين پاران اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا معاوضو ڏنو پيو وڃي، اهو معاوضو ڏکن جو متبادل نه آهي پر زندهه رهندڙن لاءِ به وسيلا گهرجن، تباهه ٿيل گهرن جو معاوضو به ڏينداسين، اين ڊي ايم اي پاران گڏيل سروي شروع ڪئي وئي آهي، سڄي قوم کي اهو يقين ڏياريون ٿا ۽ واعدو ڪريون ٿا ته امداد رڳو حقدار کي ملندي، شفافيت تي ڪو ٺاهه نه ڪنداسين، منهنجي جان يا حڪومت هلي وڃي ان تي ڪو سمجهوتو نه ڪندس، هڪ هڪ پائي حقدار تائين پهچندي، ان ۾ ڪا سياست رنڊڪ نه بڻجندي، جيڪو به توهان جي حق لاءِ وڙهندو ان کي شاباس ڏينداسين، هي هڪ جهاد آهي، ان ۾ سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙڻو آهي، آئون، حڪومت ۽ منهنجا ساٿي سک سان نه ويهنداسين ۽ نه ئي سياست ڪنداسين، هي قوم کي سياست کان مٿانهون ٿي موجوده صورتحال مان ڪڍڻ جو وقت آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرن کي اپيل ڪئي ته اهي صبر کان ڪم وٺن، آخري متاثر شخص جي بحالي تائين اسان توهان سان گڏ بيٺل آهيون ۽ توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button