نادرا آفيس کي ڏوڪري مان منتقل ڪرڻ خلاف نوجوان سماجي اتحاد تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻن عمير خان جوڻيجو، مھراڻ سومرو، اعزاز پيرزادو، ارشاد ٻگھيو، نديم جوڻيجو، امجد اعجاز جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باڊهه با پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف بازارن مان گشت ڪري نادرا آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، مظاهرين نادرا آفيس جي منتقلي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته موجوده تباهي مچائيندڙ برساتن سبب نادرا آفيس جي بلڊنگ زبون حال ڄاڻائي آفيس کي منتقل ڪرڻ ڏوڪري تعلقي جي عوام سان وڏي زيادتي آهي. هنن چيو ته گذريل ٻن ڏهاڪن کان آفيس بهتر نموني پرامن طريقي سان هلي رهي آهي جنهن کي متبادل بلڊنگ ڏئي نادرا آفيس کي منتقل نه ڪيو وڃي. هنن گهر ڪئي ته نادرا آفيس بلڊنگ منظور ڪئي وڃي، نئين بلڊنگ تيار ٿيڻ تائين کيس سوشل ويلفيئر آفيس ۾ عارضي طور نادرا آفيس قائم ڪري عوام کي بهتر سهولت کي بحال رکي عوام جي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ نادرا آفيس جي ڏوڪري مان منتقل ڪرڻ خلاف تحريڪ هلائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close