سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ پاران متاثرن سان گڏجي احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان بچايو تحريڪ پاران قائم شاهه بخاري ويجهو سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ عارضي رهائش اختيار ڪندڙ برسات متاثرن سان گڏجي سندن واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي متاثرن حسين علي شيخ، الھڏنو شيخ، شمن شيخ، سبحان خاتون ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان اصل لهر ڪالوني سميت مختلف پاڙن جا رهواسي آهيون، اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا ۽ ڪيترائي گهر هن وقت به پاڻي هيٺ آهن، اسان پنهنجون جانيون بچائي لڏپلاڻ ڪري قائم شاهه بخاري لڳ سرڪاري اسڪول ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي 100 کان وڌيڪ ڪٽنب ويٺا آهيون، 15 ڏينهن گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن اسان کي راشن، ٽينٽ، ۽ دوائن سميت ٻيون سهولتون ناهن ڏنيون، جنهن ڪري اسان جا معصوم ٻارڙا بکون ڪاٽي رهيا آهن دوائون نه ملڻ ڪري ٻارڙا دست الٽي، ڊائريا، چمڙي سميت ٻين بيماري ۾ وٺجي ويا آهن. حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا کي اسان جو ڪو احساس ڪونهي، اسان سخت عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير، ڪمشنر سميت سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جلد راشن، ٽينٽ ۽ سامان گڏ دوائون ڏئي زندگيون بچايون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button