پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ راما پير جو ميلو شروع، سيڪيورٽي سخت

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار ۾ هندو ڌرم جي روحاني پيشوا شري رام ديو عرف راما پير جو 564 هون ساليانو ميلو شروع ٿي ويو. ان سلسلي ۾ راما پير شيوا منڊلي ۽ ضلعي انتظاميا طرفان انتظام مڪمل ڪيا ويا. راما پير شيوا منڊلي طرفان رضاڪارن مندر اندر، ٻاهر ۽ داخلي رستن تي استقباليا ڪئمپون قائم ڪيون. جڏهن ته راما پير جا شيواڌارين پاران سنڌ جي مختلف شهرن مان پيادل ايندڙ قافلا ۽ گاڏين ۾ ڌڄائون کڻي مندر پهچي ياترا ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي طرفان راما پير مندر جي داخلي رستن تي پڪٽون قائم ڪري سخت چيڪنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ميلي ۾ سرڪس، موت جا کوهه، جهولا، مٺائي ۽ رانديڪن جا دڪان لڳا ويا آهن. رابطو ڪرڻ تي راما پير شيوا منڊلي جي صدر ڪشور ڪمار، ڀورا لعل، کيمچند ۽ ليلا رام ٻڌايو ته ميلي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ سيڪيورٽي ۽ صفائي شامل آهي، ڌڄائون کڻي ايندڙ ۽ ميلي ۾ ايندڙ ياترين لا کاڌي پيتي ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ميلو اڄ کان شروع ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button